اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي نوجوانن جي صلاحيتن مان ڀرپور فائدو کڻڻ تي زور ??يندي چيو آهي ته هو ملڪي معيشت ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، هن ملڪي ترقي يقيني بڻائڻ لاءِ عورتن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ تي به زور ??نو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مسلم يوٿ يونيورسٽي جي پهرين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪن??ي ڪيو. صدر چيو ته عورتن کي معاشرتي ترقي ۾ برابر حصيدار جي طور تي موقعا نٿا ملن جنهن جي باعث ملڪ ۾ حقيقي خوشحالي نه آئي. هن عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ انهن جي شموليت يقيني بڻائڻ ۽ عوامي جاين تي انهن لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ تي زور ??نو. هن چيو ته عورتن کي آن لائن اي بزنس ۽ پارٽ ٽائيم نوڪرين ۾ موقعا فراهم ڪيا وڃن ??ه جيئن هو پنهنجي پيشي سان وابسته رهن. هن چيو ته نوجوانن جي لاءِ ڪامياب جوان پروگرام ۽ بئنڪن پاران جاري ٻين قرض اسڪ??من جي ڪري وسيع موقعا پيدا ٿيا آهن، گريجوئيٽس انهن موقعن مان فائدو کڻن ۽ پنهنجي پيشيوراڻي شعبن ۾ ڪاميابي حاصل ڪن. هن گريجوئيٽس تي زور ??نو ته هو پنهنجي زندگين ۾ ڪاميابي لاءِ ايمانداري، ديانتداري جو مظاهرو ڪن، انسانيت کانسواءِ تعليم جي ڪا به اهميت نه آهي. هن چيو ته دنيا پناهگيرن لاءِ دروازا بند ڪري انساني قدر ??ظر??نداز ڪري رهي آهي. پاڪستان لکين افغان پناهگيرن جي ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين ميزباني ڪري اخلاقي قدرن جو مظاهرو ڪيو. صدر مختلف شعبن ۾ پوزيشن حاصل ڪندڙ گريجوئيٽس ۾ ايوارڊ ورهايا.