اسلام ??با?? – 15 – مارچ (اي پي پي) پرڏيه?? وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته او آءِ سي اجلاس ۾ مد??خل?? نه ٿيڻ ڏينداسين، لانگ مارچ ڪندڙن کي پهرين ڪڏهن نه روڪيو نه ئي آئنده روڪيو ويندو. مولانا فضل الرحمان جي لانگ مارچ جي اعلان جي حوالي سان پنهنجي هڪ بيان ۾ پرڏيه?? وزير چيو ته او آءِ سي ڪانفرنس اسلام ??با?? ۾ ٿيڻ وڃي رهي آهي، اجلاس ۾ مداخ??ت ٿيڻ نه ڏينداسين. پرڏيه?? وزير چيو ته او آءِ سي اجلاس لاءِ دعوت ناما موڪليا ويا آهن، اسلام ??با?? ۾ او آ3 سي اجلاس پاڪستان لاءِ اعزاز آهي، مخالف ڌر جي حوالي سان پرڏيه?? وزير چيو ته مخالف ڌر چئي ٿي ته اسان وٽ نمبرز پورا آهن، نمبرز پورا آهن ته اسلام ??با?? ۾ ڌرڻن جي ڪهڙي ضرورت آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته ڪجهه شيون اهڙيون آهن جيڪ?? وزيراعظم قوم سان شيئر ڪرڻ چاهي ٿو، جلسي جي ذريع?? وزيراعظم عمران خان قوم کي اعتماد ۾ وٺندو. هن چيو ته بي اعتمادي رٿ جو مقابلو آئيني ۽ قانوني طريقي سان ڪنداسين. شاهه محمود قريشي چيو ته سمورا ميمبر پنهنجي آئيني ۽ قانوني ذميداري کي چڱي ريت سمجهن ٿا. شاهه محمود قريشي چيو ته بي اعتمادي رٿ پيش ڪرڻ مخالف ڌر جو آئيني حق آهي، بي اعتمادي رٿ جو مقابلو ڪرڻ اسان جو آئيني جمهوري حق آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته پيپلزپارٽي لانگ مارچ ڪيو، حڪ??مت ڪٿي نه روڪيو، لانگ مارچ ڪندڙن کي آئنده به نه روڪيو ويندو.