اسلام آباد – 25 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڏکڻ پنجاب صوبي جي قيام لاءِ آئيني ترميمي بل قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ??سد قيصر کي پيش ڪري ڇڏيو آهي. ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري به ان موقعي تي موجود هو. پرڏيهي وزير قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي درخواست ڪئي ته ان بل کي سومر تي منعقد ٿيندڙ قومي اسيمبلي جي اجلاس جي ??يج??ڊا ۾ شامل ڪيو و??ي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ??سد قيصر پرڏيهي وزير جي درخواست تي ان ڏکڻ پنجاب آئيني ترميمي بل کي سومر تي منعقد ٿيندڙ اجلاس جي ??يج??ڊا ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. پرڏيهي وزير چيو ته ڏکڻ پنجاب صوبي جو قيام پاڪستان تحريڪ انصاف جي منشور جو حصو آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ميلسي جي ع??امي رابطا جلسي ۾ ڏکڻ پنجاب آئيني ترميمي بل پارليامينٽ ۾ آڻڻ جو اعلان ڪيو، وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي مون آئيني ترميمي بل، قانون واري وزارت جي منظوري کانپوءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ??ي خدمت ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي، اڄ وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف ڏکڻ پنجاب جي ع??ام سان ڪ??ل هڪ ٻيو واعدو پورو ڪري ڇڏيو آهي.