اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وزيراعظم شهب??ز شريف جي ايڊوائيس تي ڪراچي ۾ دهشتگردي سبب فوت ٿيندڙ چيني شهرين کي پاڪستان حڪومت پاران لاڏاڻي کانپوءِ ??مغه پاڪستان ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آه??. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهب??ز شريف ٽن چيني شهرين کي تمغه پاڪستان ڏيڻ جي ايڊوائيس صدر کي موڪلي هئي. چيني شهري 26 اپريل 2022ع تي ڪراچي ۾ دهشتگردي جو نشانو ??ڻيا هئا. چيني استاد ڪراچي يونيورسٽي جي داخلي دروازي تي خودڪش ڌماڪي ۾ فوت ٿي ويا هئا. ڪنفيوشس انسٽيٽيوٽ ڪراچي جي ڊائريڪٽر هوآنگ گيوپنگ، تِنگ موفانگ ۽ ڇن سائي کي اعزاز ڏنو ويو آه??. چيني رهواسين کي چين پاڪستان دوستي جي لاءِ ??ظيم خدمتن جي اعتراف ۾ اعزاز ڏنا ويا.