اسلام آباد – 13 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٽ??ڪس ڪلچر کي عام ڪرڻ ۽ شڪايتن جي ازالي جي نظام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته شفاف نظام يقيني بڻائي ٽ??ڪس ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو، وفاقي ٽ??ڪس محتسب جي اداري تي عوام جو اعتبار وڌي رهيو آهي ۽ شڪايت ڏيندڙن جي شڪايتن کي گهٽ کان گهٽ وقت ۾ حل ڪيو پيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي ايوان صدر ۾ وفاقي ٽ??ڪس محتسب جي ”فوري انصاف توهان جي چائنٺ تي“ جي موضوع تي آگاهي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. سيمينار ۾ وفاقي ٽ??ڪس محتسب ڊاڪٽر عاصف محمودجاه هراسان جي خلاف تحفظ لاءِ وفاقي محتسب ڪشمالا طارق، وفاقي انشورنس محتسب ڊاڪٽر محمد خاور جميل، اڳوڻو وفاقي ٽ??ڪس محتسب ڊاڪٽر شعيب سڊل، ايف بي آر، وفاقي ٽ??ڪس محتسب آفيس ۽ ٻين ادارن جي سينئر آفيسرن ۽ مختلف چيمبرز آف ڪا??رس اينڊ انڊسٽري جي نمائندن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته وفاقي ٽ??ڪس محتسب جو ادارو ٽ??ڪس گذارن جي سهولت ۽ انهن جي مسئلي جي حل لاءِ بهترين ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ٽ??ڪس نظام ۽ شڪايتن جي ازالي بابت عوام ۾ شعور اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. عوام مجموعي طور تي ٽ??ڪس ادا ڪرڻ چاهي ٿي، هن چيو ته اسلامي رياست ۾ زڪوات جو نظام اهم آهي، هڪ مهذب معاشري لاءِ ضروري آهي ته نادرا ماڻهن جي زندگي جو معيار بلند ڪري، قومي وحدت لاءِ جعلي خبرن جهڙي چئلينجن کي منهن ڏيڻ ضروري آهي. صدر چيو ته ٽ??ڪس جي شڪايتن جي حوالي سان تعاون، انصاف جو رستو کوليندو آهي، شڪايتن جي الزالي لاءِ وقت 60 ڏينهن کان گه?? ڪري 40 ڏينهن تي اچي ويو آهي، ٽ??ڪس نظام ۽ شڪايتون داخل ڪرڻ ۾ ڊجيٽلائيزيشن سان شفافيت اچي رهي آهي، وفاقي ٽ??ڪس محتسب جهڙن ادارن لاءِ ٽيڪنالاجي مددگار ثابت ٿيندي، صدر وفاقي ٽ??ڪس محتسب ۽ ان جي ٽيم کي شڪايتن جي ازالي لاءِ ڪيل ڪوششن تي مبارڪباد پيش ڪئي، صدر چيو ته شڪايتن جي ازالي ۾ غير ضروري دير سان ٽ??ڪس گذارن کي مشڪلاتون درپيش اينديون آهن، جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال سان ڪرپشن ۽ بدانتظامي ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ٿي. بلاڪ چين ٽيڪنالاجي جي مدد سان فنڊن جي ڪرپشن، انڊر انوائيسنگ ۽ رشوت کي روڪي سگهجي ٿو. جديد آءِ ٽي نظام جي ذريعي ٽ??ڪس گذارن کي ج??د رليف فراهم ڪري سگهجي ٿو. داڪٽر عارف علوي ٽ??ڪس گذارن تي زور ڏنو ته هو ٽ??ڪس عملدارن جي ناانصافي، شڪايتن جي ازالي ۽ انصاف کي حاصل ڪرڻ لاءِ وفاقي ٽ??ڪس محتسب سان رابطو ڪن، هن چيو ته مسئلن جي وقت سر حل لاءِ حڪومتي ادارن ۽ عوام جي وچ ۾ بهتر رابطن جي ضرورت آهي، صدر چيو ته وفاقي ٽ??ڪس محتسب ۾ ماڻهن جي شڪايتن جي باري ۾ ماڻهن کي ڀرپور آگاهي ڏيڻ اڻٽر آهي. ٽ??ڪس گذارن کي انصاف جي فراهمي لاءِ ٽ??ڪس محتسب جي دائري ڪار کي وڌائڻو پوندو. صدر چيو ته غير ضروري دير سان ٽ??ڪس گذارن کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، جديد ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪري بدعنواني کي ختم ڪري سگهجي ٿو. ان موقعي تي وفاقي ٽ??ڪس محتسب جي ڪارڪردگي جي باري ۾ هڪ دستاويزي فلم به ڏيکاري وئي.