ملتا?? – 04 – آگسٽ (اي پي پي) ڊپٽي ڪمشنر ملتان طاهر وٽو چيو آهي ته 5 آگسٽ تي ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي ري??يو?? ڪڍيون وينديون، ضلعي انتظاميا 14 آگسٽ ڏهاڙي جون هفتيوار تقريبون ڀرپور انداز ۾ ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان سلسلي ۾ ضلعي کاتن کي تقريبن جو اهتمام ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن آزادي جي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر رضوان نذير بريفنگ پڻ ڏني. ڊپٽي ڪمشنر طاهر وٽو چيو ته 14 آگسٽ تي آرٽس ڪائونسل ۾ قومي سطح جو مشاهرو ڪرايو وي??دو جنهن ۾ ملڪ جي ناليوارن شاعرن کي گهرايو ويندو. ڊپٽي ڪمشنر چيو ته ميراٿن ڊوڙ، سائيڪل ريست سميت مختلف مقابلا پڻ جشن ??زادي تقريبن جو حصو هوندا.