اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ڪور ڪمانڊر ڪوئيٽا ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي سميت پاڪ فوج جي 6 ??في??رن ۽ جوانن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سڄي قوم پنهنجي شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي. وزيراعظم ??في?? جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ليفٽيننٽ جنرل سرفراز، ڊي جي پاڪستان ڪوسٽ گارڊ ميجر جنرل امجد حنيف، ڪمانڊر انجنيئر 12 ڪور برگيڊيئر خالد، پائليٽ ميجر سعيد، ڪو پائليٽ ميجر طلحيٰ ۽ ڪريو چيف نائيڪ مدثر شهيد کي سڄي قوم سلام پيش ڪري ٿي. ??ن چيو ته وطن جا اهي فرزند قوم جو فخر آهن، جن پنهنجون جانيون ٻوڏ ۾ گهيريل پنهنجي هم وطنن جون جانيون بچائڻ جي لاءِ قربان ڪري ڇڏيون. وزيراعظم چيو ته ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي ۽ سندس ساٿي انسانيت جي خدمت ۽ فرض جي ادائيگي جو روشن مثال بڻيا آهن. ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي هڪ بهترين پروفيشنل فرض شناس ۽ قابل ??في??ر هجڻ سان گڏوگڏ انتهائي ايماندا?? ۽ ??ٺو انسان هو. ??ن چيو ته سڄي قوم ان ??اد??ي تي انتهائي ڏکويل آهي. اسان شهيدن جي گهروارن سان دلي همدرديءَ ۽ تعزيت ڪريون ٿا. سڄي قوم شهيدن جي گهروارن جي ڏک ۾ شريڪ آهي. الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند فرمائي ۽ گهروارن کي صب?? ۽ ??جر عظيم عطا فرمائي.