اسلام آباد – 25 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي تيز رفتار ترقي ۽ زرعي پيداوار ۾ اضافي جي ل??ءِ اهم آءِ ٽي تي ٻڌل جديد ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ??هي ته پا??ستان معاشي طور تي هڪ مضبوط ملڪ طور اڀرڻ جي تمام گهڻي صلاحيت رکي ٿو، تحقيق ۽ ت??قي ۾ سيڙپڪاري، زرعي ۽ صنعتي پيداوار ۾ اضافي، نوجوانن خاص طور تي عورتن کي مارڪيٽ تي ٻڌل مهارت ۽ علم جي فراهمي جي نتيجي ۾ پا??ستان ترقي جون منزلون تيزي سان طئي ڪري سگهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ لاهور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (ايل سي سي آئي) اچيومينٽ ايوارڊز جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي، لاهور چيمبر جي صدر ميان نعمان ڪبير، سماجي ڪارڪنن، سرندي وارن ماڻهن، لاهور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي عهديدارن ۽ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. صدر واپاري برادري تي زور ڏنو ته اها ڪاروباري ۽ صنعتي شعبن ۾ عورتن جي ل??ءِ سازگار ماحول پيدا ڪري ته جيئن انهن جي پنهنجي خاندان جي عورتن سان گڏوگڏ ٻيون عورت ورڪرز به ملڪ جي ڪاروباري ۽ اقتصادي شعبي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ پا?? کي محفوظ محسوس ڪن. هن لاهور چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري کي انهن اهل عورتن جي ل??ءِ آن لائين ڪاروبار ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪرن جو مشورو پڻ ڏنو جيڪو ڪجهه سببن جي ڪري گهر کان ڪم ڪرڻ ??ي ترجيح ڏين ٿيون. صدر ڪاروباري سرگرمين ۾ عورتن جي شموليت کي خوش آئنده قرار ڏيندي چيو ??ه عورتن جي شموليت کانسو??ءِ معاشي ترقي حاصل ڪرڻ ناممڪن آهي. هن واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ ۽ عورتن کي ڪاروبار ۾ شموليت جي حوصلا افزائي جي ل??ءِ ايل سي سي آئي جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ??ه واپار، ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري ۾ معاون پاليسين جو تسلسل، ڪاروباري معاملن ۾ هر سطح تي مشاورتي فيصلاسازي جو عمل ڪاروبار ۾ آساني کي يقيني بڻائڻ، جدت ۽ بهترين ترقي جي ل??ءِ ڪاروباري ماڻهن جو جذبو ملڪ جي مالي ۽ اقتصادي استحڪام جي ل??ءِ ضروري آهي. هن چيو ??ه ان سان پا??ستان مان مستقبل کي معاشي طور تي مضبوط بڻائڻ ۽ تيز رفتار اقتصادي ترقي کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي. صدر عورتن تي زور ڏنو ته اهي حضرت خديجه رضه الله عنها جي مثال تي عمل ڪن جيڪا هڪ آزاد ڪاروباري، واپاري عورت هئي. هن عورتن تي زور ڏنو ته اهي ملڪ جي ڪاروباري ۽ معاشي شعبن ۾ ڀرپور ۽ فعال ڪردار ادا ڪري پنهنجو مقام حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪن. صدر چيو ??ه ڪاروباري ۽ صنعتي شعبو ان وقت تيزي سان ترقي ڪندو جڏهن اسان انهن کي بدعنواني کان پا??، محفوظ ۽ اخلاقيات تي ٻڌل ڪاروباري ماحول فراهم ڪنداسين. هن دستاويزن ۽ نظام ۽ عمل کي آسان بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ??ه اسان ڪاروباري واپار ۽ سيڙپڪاري جي معاملن کي قانون موجب حل ڪريون ۽ ان جي ذريعي معيشت ۾ وڌيڪ شفافيت آڻي سگهجي ٿي. ان موقعي تي لاهور چيمبر اينڊ ڪامرس جي نمائندن چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جي مسلسل سرپرستي تي صدر جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ??ه صدر جي مشوري تي چيمبر ڪاروباري ۽ صنعتي شعبي ۾ عورتن جي شموليت جي ل??ءِ ڀرپور قدم کڻي رهيو ??هي. ان کان اڳ صدر ڊاڪٽر عارف علوي مختلف ڪمپنين، ڪاروباري ادارن ۽ چيمبر جي نمائندن کي نمايان ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪرڻ تي ايوارڊ ڏنا.