اسلام آباد– 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ٻاهرئين ملڪ مان امدادي اڏامن جي اچڻ جو سلسلو جاري آهي، هيستائين مختلف ملڪ?? مان 133 اڏ??مو?? متاثرين جي لاءِ امدادي سامان کڻي پاڪستان پهچي ويون آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري انگن اکرن موجب ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ گڏيل عرب امارات مان هيستائين مجموعي طور تي 41، ترڪيه مان 14، چي?? مان 4، ازبڪستا?? مان هڪ، قطر مان 4، فرانس مان هڪ، يونيسيف جون 3، گڏيل قومن جي پناهگيرن واري اداري (يو اين ايڇ سي آر) جون 14 اڏ??مو??، ترڪمانستان جي هڪ، اردن جي هڪ، خوراڪ جي عالمي اداري جون ٽي، آمريڪا جون 21، برطانيا جي هڪ، نيپال جي هڪ، اومان جون 8، روس، يونان ۽ اٽلي جي هڪ هڪ ۽ سعودي عرب جون 10 اڏ??مو?? امدادي سامان کڻي پاڪستان پهچي ويون آهن. انڊونيشيا مان به 2 اڏ??مو?? ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ امدادي سامان کڻي هيستائين پاڪستان آيون آهن. امدادي اڏامن کانسواءِ ايرانمان 100 ٽن امدادي سامان ٽرڪن ذ??يع?? پاڪستان پهت?? آهي. ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ ترڪيه پاران ٽي ريل گاڏين ۽ ٻن ٽرڪن تي ٻڌل امدادي سامان پاڪستان موڪليو وي?? آهي. پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ تاجڪستا?? مان 87 ٽرڪن ذ??يع?? امدادي سامان موڪليو وي?? آهي. گڏيل عرب امارات ۽ اوما?? مان امدادي سامان کڻي هڪ هڪ سامونڊي جهاز به پاڪستان پهتا آهن.