اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ مالديپ جي وچ ۾ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن خاص طور تي تع??يم، صحت ۽ سياحت جي شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. اهڙن خيالن ج?? اظهار هن مالديپ ۾ پاڪستان ج?? نامزد هاءِ ڪمشنر وائس ايڊمرل (ر) محمد فياض گيلاني سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته نامزد سفير خاص طور تي مالديپ سان واپار، ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري، عوام سان عوام جي رابطن، صحت، تع??يم، دفاع، موسمياتي تبديلي، سياحت، انساني وسيلن ج?? ترقي سان گڏوگڏ مختلف شعبن ۾ اسٽريٽجڪ لاڳاپا قائم ڪرڻ تي ڌيان ڏي. هن ٻنهي ملڪن ج?? وچ ۾ سياحت جي صنعت ۾ تعاون ج?? امڪانن کي اج??گر ڪيو ۽ چيو ته مالديپ عالمي معيار جي سياحتي جڳهه آهي ۽ پاڪستان ان ج?? مهارت مان فائدو کڻي سگهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان مالديپ جي شاگردن کي مختلف تع??يمي شعبن ۾ چٽاڀيٽي ۽ اعليٰ معيار جي تع??يم فراهم ڪرڻ جي لاءِ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۽ ورچوئل يونيورسٽي آف پاڪستان ج?? فاصلاتي تع??يم ۽ هائبرڊ لرننگ ۽ تع??يمي مهارت پيش ڪري سگهي ٿو. صدر عارف علوي ٻنهي ملڪن ج?? وچ ۾ موجود خوشگوار لاڳاپن تي اطمينان ج?? اظهار ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته نئون مقرر ٿيندڙ هاءِ ڪمشنر ٻنهي ملڪن سان گڏوگڏ او آءِ سي، سارڪ، گڏيل قومن ۽ دولت مشترڪه جي فريم ورڪ جي اندر تعاون ج?? فروغ لاءِ سمورا دستياب سفارتي طريقيڪار بشمول ٻطرفي سياسي مشاورت، گڏيل اقتصادي ڪميشن ۽ گڏيل ڪارو??ار?? ڪائونسلن ج?? وچ ۾ ٻطرفن رابطن کي وڌائڻ جي لاءِ موثر طريقي سان استعمال ڪندو. صدر سفير کي مالديپ جي صدر ابراهيم محمد صالح کي پنهنجي مبارڪباد ۽ نيڪ خواهشن ج?? پيغام پهچائڻ جو پڻ چيو.