اسلام آباد – 24 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪالهه سومر ڏينهن ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي بلڊنگ ريزيلينس ود ايڪٽو ڪائونٽر سائڪليڪل ايڪسپينڊيچر پروگرام تحت 1.5 ارب ڊالر جي قرض جي معاهدي تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ترقياتي حصيدارن خاص طور تي ا??شيائي ترقياتي بئنڪ جي ڪردار کي ساراهيندي وزيراعظم بريس پروگرام تحت پاڪستان جي لاءِ 1.5 بلين آمريڪي ڊالر جي بجيٽ سپورٽ جي م??ظوري تي بئنڪ جي بورڊ جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم بئنڪ جي صدر ماساتوگو آساتاو ۽ سندس پوري ٽيم جي تازي م??سمياتي تبديلين جي نتيجي ۾ ايندڙ ٻوڏ جي تباهين کي م??هن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي مدد ڪرڻ کي پڻ ساراهيو. ايشيائي ترقياتي بئنڪ، عالمي بئنڪ، يورپي يونين ۽ گڏيل قومن جي پاڪستان حڪومت سان حصيداري ۾ ڪئي ويندڙ پوسٽ ڊيميج نيڊز اسسمنٽ موجب تازي ٻوڏ سان پاڪستاني معيشت کي 30 ارب ڊالر جو نقصان پهتو آهي. وزيراعظم ٻوڏ متاثرين جي مستقل بحالي تي زور ڏيندي ا??يد ظاهر ڪئي ته ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي 1.5 بلين ڊالر جو قرض پاڪستان جي معاشي مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو. بئنڪ جي نائب صدر شاڪسن چي وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پنهنجي ريمارڪس ۾ هن چيو ته بورڊ گذريل جمعي تي رقم جي م??ظوري ڏني هئي. ان قدم جو مقصد پاڪستان جي معيشت کي درپيش مشڪلاتن جو ازالو ڪرڻ آهي. هن وچولي ۽ ڊگهي مدي واري ا??تصادي ا??ڪانن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ موجوده حڪومت جي معاشي سڌارن کي ساراهيو. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اسحاق ڊار، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير سردار اياز صادق، ڊائريڪٽر جنرل اي ڊي بي يوجين زوخوف کانسواءِ اي ڊي بي ۽ پاڪستان حڪومت جا اعليٰ عملدار ان موقعي تي م??جود هئا. اقتصادي معاملن واري ڊويزن جي سيڪريٽري ڪاظم نياز ۽ بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر جيونگ يي معاهدي تي صحيحون ڪيون جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف معاهدي تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي.