بيجنگ – 02 – نومبر (اي پ?? پي) پاڪستان ۽ چين پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پ??ڪ) منصوبن کي جلد ک??ن جلد مڪمل ڪرڻ ۽ سي پ??ڪ کي سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آ??ي. اهو اتفاق وزيراعظم محمد شهباز شريف جي چين جي وزيراعظم لي ڪي چيانگ سان ملاقات ۾ ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جيڪو چين جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي آهي?? هن عظيم عوامي هال ۾ پنهنجي چيني هم منصب سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن معاملن ۽ گڏيل تعاون وڌائڻ جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي ۽ ٻنهي اڳواڻن پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبن کي جلد ک??ن جلد مڪمل ڪرڻ ۽ سي پ??ڪ کي وسعت ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف کي عظيم عوامي هال ۾ گارڊ آف آرنر پڻ پيش ڪيو ويو.