اسلام آباد– 03 – نومبر (اي پي پي) وفاقي گادي واري شهر ۾ سفري سهولتن جي بهتري جي لاءِ وزيراعظم جي هدايت تي مختلف سيڪٽرز کي ميٽروبس سسٽم سان ڳنڍڻ جي لاءِ منصوبو جاري ڪيو ويو، 13 روٽس ۽ 128 بسن تي ٻڌل فيڊر روٽس بس نيٽ ورڪ جو پهريو مرحلو ايندڙ سال جي په??ين ٽي ماهي ۾ مڪمل ڪيو ويندو. زويراعظم آفس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان مو??ب په??ين مرحلي ۾ ايف، جي ۽ آئي سيڪٽرز سان گڏو گ?? ڊي 12 کي مرڪزي ميٽرو نيٽ ورڪ سان بسون جي ذريعي ڳنڍيو ويندو. ان فيڊر روٽس سان تقريبن هڪ لک م??اف??ن کي آرام ده ۽ عالمي معيار جون سفري سهولتون ميسر اينديون. وزيراعظم محمد شهباز شريف منصوبي کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.