اسلام آباد – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پاڪستان ۽ انڊوني??يا او آءِ سي ??ان لاڳاپيل معاملن ۽ گڏيل دلچسپي جي عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه جاري رکندا، اسلامي تعاون تظيم جو سيڪريٽري جنرل 10 کان 12 ڊسمبر تي پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير جو دورو ڪندو، ڀارت ڪشميرين کي انهن جي خودمختياري جي حق کان محروم رکيو آهي، ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄم??ن ۽ ڪشمير ۾ ڪشميري صحافي وڏي دٻاءُ ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، پاڪستان بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي ويزا جاري نه ڪرڻ جي ڀارتي فيصلي جي نتيجي ۾ پاڪستاني رانديگر خصوصي اهميت رکندڙ عالمي راندين جي ايونٽ ۾ ??رڪ?? نه ڪري سگهيا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄم??ن ۽ ڪشمير ۾ ڪشميري صحافي شديد دٻاءُ ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، انهن کي ڌمڪيون، حملا ۽ گرفتاريوون درپيش آهن، والاريل ڪشمير ۾ لاڳو ڪيل ميڊيا پاليسي جومقصد معلومات جي آزاداڻي وهڪري کي گهٽ ڪرڻ ۽ ميڊيا کي ڀارت جي غلط معلومات جي مهم جي رڳو هڪ پروپئگنڊه بڻائڻ آهي، ڪشميري ميڊيا کي والاريل علائقي جي اصل صورتحال جي ڪوريج ڪرڻ ۽ ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن جا بيان ڇاپڻ کان روڪيو ويو آهي. ترجمان چيو ته ڪجهه هفتا اڳ ڪشميري فوٽو جرنلسٽ ثنا ارشاد متو کي پلٽزر پرائز حاصل ڪرڻ جي لاءِ نيويارڪ وڃڻ کان روڪيو ويو جڏهن ته آصف سلطان، منان گلزار ڊار، فهد شاهه ۽ سجاد گل سميت ناليوارا صحافي مختلف جيلن ۾ غيرقانوني طور تي نظربند آهن. ترجمان چيو ته ڀارتي عملدارن پاران وڌيڪ ڪيترن ئي ماڻهن کي طلب ڪري انهن کي هرا??ان ڪيو ويو ۽ انهن کي ڌمڪيون ڏنيون ويون. هن چيو ته اهي ظالماڻا قدم پوري دنيا کان ڪشمير تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي جو اصل چهرو لڪائي نه ٿا سگهن. ترجمان چيو ته ا??ان 10 ڊسمبر تي انساني حقن جي عالمي ڏينهن طور ملهايون ٿا، ا??ان کي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄم??ن ۽ ڪشمير جي مظلوم ماڻهن کي ياد رکڻ گهرجي، اتي انساني حقن جون خلاف ورزيون جاري آهن ۽ ڀارت ڪشميرين کي انهن جي خودمختياري جي حق کان محروم رکيو آهي. ترجمان ڀارت جي شهر ايوڌيا ۾ هندو انتهاپسندن جي هٿان تاريخي بابري مسجد جي انهدام جي 30 هي ورسيءَ جو ذڪر ڪندي چيو ته اها ڀارت ۾ وڌندڙ مذهبي عدم برداشت جي هڪ افسوسناڪ ياد ڏياري ٿي جنهن کي عالمي برادري کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي. ترجمان اکين کان محروم ماڻهن جي لاءِ ٽئين ٽي 20 ورلڊ ڪپ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ۾ ??رڪ?? جي لاءِ ڀارت پاران پاڪستان بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي ويزا جاري نه ڪرڻ تي گهري افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ڀارتي فيصلي جي نتيجي ۾ پاڪستاني رانديگر خصوصي اهميت رکندڙ عالمي راندين جي ايونٽ ۾ ??رڪ?? نه ڪري سگهيا. ترجمان چيو ته ڀارتکي راندين جي مقابلن کي سياسي رنگ ڏيڻ جو رواج ختم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ا??ان ان واقعي تي پنهنجي گهري مايوسي ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي انڊوني??يا جي جاري دوري جو ذڪر ڪندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن بالي ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي صورتحال جو جائزو ورتو ۽ سمورين سطحن تي ٻطرفين ڳالهين کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل فائديمند تعاون کي اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ترجمان چيو ته ٻه وڏن اسلامي ملڪن جي حيثيت ??ان پاڪستان ۽ انڊوني??يا او آءِ سي ??ان لاڳاپيل معاملن ۽ گڏيل دلچسپي جي عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه جاري رکندا. هن چيو ته ٻنهي پرڏيهي وزيرن پرڏيهي وزير جي سطح تي گڏيل وزارتي ڪميشن (جي ايم سي) قائم ڪرڻ جي لاءِ هڪ تاريخي مفاهمتي ياداشت تي صحيحون ڪيون آهن، جي ايم سي گڏيل طور تي فائديمند تعاون جي نگراني ڪندو ۽ ٻطرفن باقاعده رابطن کي فروغ ڏيندو. ترجمان چيو ته اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحيٰ 10 کان 12 ڊسمبر تي پاڪستان جو دورو ڪندو، گذريل سال نومبر ۾ او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ سندس پاڪستان جو هي پهريون باقاعده دورو هوندو. ترجمان چيو ته اسلامي تعاون تنظيم جو سيڪريٽري وزيراعظم ??ان ملاقات ڪندو ۽ پرڏيهي وزير ??ان وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪندو. حسين ابراهيم طحيٰ آزاد ڄم??ن ۽ ڪشمير جو دورو پڻ ڪندو. ترجمان چيو ته دوري دوران او آءِ سي جي ايجنڊا تي موجود ڄم??ن ۽ ڪشمير تڪرار، اسلامو فوبيا ۽ افغانستان ۾ انساني صورتحال سميت ٻيا معاملا بحث هيٺ ايندا. سندس دوري ??ان او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، سماجي ۽ ٽيڪنيڪي تعاون تي خيان جي ڏي وٺ جو موقعو پڻ ملندو. هن چيو ته پاڪستان او آءِ سي جي باني ميمبر ۽ پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي موجود سربراهه جي حيثيت ??ان اسلامي يڪجهتي، اتحاد ۽ مڪالمي کي فروغ ڏيندو رهندو.