اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اسلامي جمهوريه ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري 10 مارچ تي بيجنگ ۾ ايران، سعودي عرب ۽ چين پاران گڏيل ٽه ڌريي بيان تي صحيحن تي م??ارڪباد ڏيندي سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ سفاري ل??ڳا??ن جي بحالي کي ٻنهي ملڪن جي قيادت جي دانشمندي ۽ دورانديشي جو ثبوت قرار ??نو. پرڏيهي وزير ان عمل کي آسان بڻائڻ ۾ چين جي ??هم ڪردار کي پڻ ساراهيو. بلاول ڀٽو زرداري ايران ۽ سعودي عرب ٻنهي سان پاڪستان جي ويجهي ڀائراڻن ل??ڳا??ن تي زور ڏيندي چيو ته ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ سفارتي ل??ڳا??ن جي تجديد پوري خطي جي لاءِ امن، خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ مددگار ثابت ٿيندي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن پاڪستان ۽ ايران جي ل??ڳا??ن کي وڌائڻ جي رفتار جو ذڪر ڪندي ٻطرفن ل??ڳا??ن جي سمورن شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.