اسلام آب??د – 04– اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??اري وفاقي وزير ??ريم اورنگزيب چيو آهي ته ب??تر ٿئي ها ته لاڏلي ٻهروپيي کي شيرواني پارائي وزيراعظم هائوس ۾ ويهاري ڇڏين ها، قوم جو وقت ۽ پئسو بچي وڃي ها. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات ??اري وفاقي وزير چيو ته اڪثريتي ججن جي رد ڪيل ڪيس ۾ فيصلو غيرآئيني آهي، آئين تي اناءَ جو حاوي ٿيڻ ملڪ جي لاءِ مهلڪ ثابت ٿيندو آهي، ناقابل عمل حڪم سان سياسي ۽ آئيني بحران وڌيڪ گهرو ٿيندو. هن چيو ته هي فيصلو سپريم ڪورٽ جي ججن جي اڪثريت جي فيصلن سان ٽڪراءُ ??هي، 2017ع ۾ وزيراعظم نواز شريف جي نااهلي جي غيرآئيني فيصلي سان ملڪ ۾ اڄ تائين آئيني، سياسي ۽ معاشي بحران آهي، خميازو عوام ڀوڳي رهي آهي. جڏهن سازش بي نقاب ٿئي ٿي ته دير ??ي چڪي هوندي آهي، 6 سالن کانپوءِ ٻيهر سهولتڪاري قبول نه آهي.