اسلام آباد- 10 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف سا?? ??ار??يامنيٽ هائوس ۾ اسٽيٽ ڪائونسل آف عمان جي ڊپٽي چيئرمين شيخ ڊاڪٽر الخطاب بن غالب بن علي الحنائي ملاقات ڪئي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب عمان جو ??ار??ياماني وفد آئين جي گولڊن جوبلي تقريبن جي سلسلي ۾ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي اهتمام هيٺ عالمي آئيني ڪنوينشن ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان جي سرڪاري دوري تي آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته عمان ۾ رهندڙ پاڪستاني ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترق?? ۾ ??هم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن وڏي تعداد ۾ پاڪستاني ڪارڪنن جي شاندار ميزباني تي عمان جي عوام ?? حڪومت کي ساراهيو. اسپيڪر آئين جي گولڊن جوبلي تقريبن ۾ عمان جي شرڪت کي ساراهيو. ان موقعي تي دوستاڻي لاڳاپن جي نوعيت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي اسپيڪر چيو ته پاڪستان عمان سا?? پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. هن خط?? ۾ ??من ۽ استحڪام کي مضبوط بنائڻ ۾ عمان جي ڪردار کي به ساراهيو. ڊاڪٽر الخطاب اسپيڪر جي خير سگالي تي ٻڌل لفظن کي ساراهيندي چيو ته عمان پاڪستان کي پنهنجو ڀاءُ سمجهي ٿو، هن ??ار??ياماني فرينڊ شپ گروپ جي ذريعي ??ار??ياماني رابطن کي وڌائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڀريو ته جيئن مختلف شعبن خاص طور تي موسمياتي تبديلين ۾ تعاون جون راهون ڳولي سگهجن، ملاقات ۾ ايم اين اي ناز بلوچ به موجود هئي.