اسلام آباد- 11 مئي (اي پي پي)برطانوي پارليامينٽ جي ميمبر خالد محمود چيو آهي ته ڀارت جمهوري ناهي، اقليتن جا حق غصب ڪندڙ ملڪ آهي، پارليامينٽ جا ميمبر پنجن سالن لاءِ منتخب ٿيندا آهن ڪير ڪيئن انهن ک?? ڪڍڻ ج?? ڳالهه ڪري سگ??ي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن آئين پاڪستان جي گولڊن جوبلي جي حوالي سان عالمي ڪنوينشن ک?? خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڀارت اقليتن جي حقن جي تحفظ ۾ ناڪام رهيو آهي، چوڻ لاءِ ته جمهوريت آسان شيءَ آهي پر حقيقت ۾ مشڪل ڪم آهي، جمهوريت کي سمجهڻ بنيادي شيءَ آهي، آئين ۾ لکيل عوامي نمائندن جي 5 سالن جي مدي تي عمل پ??را ٿيڻو پوندو. هن چيو ته پارليامينٽ جا ميمبر پنجن سالن لاءِ منتخب ٿيندا آهن ڪير ڪيئن انهن ک?? ڪڍڻ ج?? ڳالهه ڪري سگ??ي ٿو، برطانيه ۾ اسان وٽ ڪو لکت ۾ آئين ناهي، ڀارت بلڪل جمهوري ملڪ ناهي، جڏهن ڪشميرين، سکن ۽ ڀارت ۾ دلت طبقي سان تعلق رکندڙن جي ڳالهه اچي ٿي ته ڀارت سنگين انساني حقن جي خلاف ورزي ڪندڙ ثابت ٿيندو آهي. آئون اهو مڃڻ کان انڪا?? ڪريان ٿو ته ڀارت هڪ جمهوري ملڪ آهي.