اسلام آباد – 05 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن جي ملڪ لاءِ خدمتن ۽ قربانين تي انهن کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر پاڪ فوج جي شهيدن جي پونئيرن کي ٽيليفون ڪري انهن سان افسوس جو اظهار ڪ??و. ڊاڪٽر عارف علوي 28 اپريل تي لڪي مروت ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي وارثن سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر نائب صوبيدار تاج مير، حوالدار ذاڪر احمد ۽ سپاهي عابد حسين جي پونئي??ن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر شهيدن جي فرض سان محبت ۽ وطن سان محبت تي انهن کي سلام پيش ڪيو. هن قوم پاران شهيدن جي خاندانن جا ??ور?? مڃيا. صدر شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ دعا ڪندي پونئي??ن سان همدردي جو اظهار ڪ??و ۽ انهن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.