اوسلو – 06 – جون (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر اوسلو ۾ ناروي جي نائب پرڏيهي وزير ايرلنگ ريمسٽاد سان ملا??ات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب مملڪتي وزير پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ناروي جي امداد تي ٿورا مڃيا. هن پاڪستان ۾ مائيڪرو هائيڊرو پاور پلانٽس ۾ سيڙپڪاري تي خيالن ج?? ڏي وٺ ڪئي. ملا??ات ۾ گرين انرجي ۽ شپنگ ۽ بليو اڪانومي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ ۽ اعليٰ تعليم ۽ تحقيق ۾ تعاون تي اتفاق ڪيو ويو. ملا??ات دوران ڳڻتي جي عالمي/ علائقائي مسئلن بشمول ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير، افغانستان ۽ يوڪرين جي صورتحال تي پڻ خيالن ج?? ڏي وٺ ڪئي وئي.