اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان جمعيت علماءِ ??سلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي مواصلات وارو وفاقي وزير مولانا اسعد محمود پڻ موجو?? هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ موجوده ملڪي سياسي صورتحال تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. مولانا فضل الرحمان بجيٽ 24 – 2023ع ۾ معاشي مشڪلات?? جي باوجود ترقياتي منصوبن ۽ عوامي مشڪلات?? جي ازالي جي قدم?? جي شموليت کي ساراهيو. ملاقات ۾ جمعيت علماءِ ??سلام جي اڳواڻن وزيراعظم جي خيبرپختونخواهه خاص طور تي ضم ٿيل ضلع?? جي ترقي لاءِ ??صوصي قدمن کي ساراهيو.