اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عالمي مالياتي ڍانچي جا سڌارا ڊگهي عرصي کان هڪ اهم مطالبو رهيو آهي، ان نظام کي نمائنده ۽ برابر بڻائڻ جي لاءِ ان تي ??ظرثاني جي ضرورت آهي، فرانس جي دوري دوران انسانيت کي درپيش موجوده چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي مالياتي ادارن جي نئين سر تنظيم سازي جي ضرورت تي ??اڪستان ج?? موقف رکندس. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته عالمي مالياتي ڍانچي جا سڌارا ڊگهي عرصي کان هڪ مطالبو رهيو آهي جيڪو عوامي پاليسين جي ماهرن، پاليسي پريڪٽيشنرز ۽ عالمي اڳواڻن پاران مختلف فورمن تي ڪيو ويو آهي. هن چيو ته موسمياتي تب??يلي، ق??رتي آفتن، ماحوليات، ق??ضن جي وڌندڙ سطح ۽ توانائي جي منتقلي جهڙن چئلينجن جي سنگين نوعيت خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي آهي. مسئلن جي عالمگيريت عالمي مالياتي ??ظام کي نمائنده ۽ برابر بڻائڻ جي لاءِ ان تي ??ظرثاني ڪرڻ جي لاءِ تخليقي موقف جي ضرورت کي جنم ڏنو آهي. وزيراعظم چيو ته هي اها جڳهه آهي جتي ??رانس ۾ نيو گلوبل فنانسنگ پيڪٽ سمٽ دنيا جي لاءِ هڪ منفرد موقعي جي نمائندگي ڪري ٿو ته اهي گڏ ٿين ۽ عالمي مالياتي ??ظام جي ٺوس سڌارن جي لاءِ گهربل وسيع اصولن ۽ قدمن تي ??تفق ٿين. وزيراعظم چيو ته فرانس جي دوري دوران آئون انسانيت کي درپيش موجوده چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي مالياتي ادارن جي نئين سر تنظيم سازي جي ضرورت تي ??اڪستان ج?? موقف پيش ڪندس. جي – 77 پلس چائنا گرونگ ۾ هڪ اهم ڌر جي طور تي ۽ موسمياتي تب??يلي جي خطري کان بري طرح متاثر ٿيندڙ ملڪ جي طور تي ??اڪستان ان ڪردار جي لاءِ بهتر پوزيشن ۾ آهي.