اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عورتن جي مالي خودم??تي??ري جي لاءِ هنرمندي، ڊيجيٽل ۽ مالياتي شموليت وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چ??و آهي ته نجي شعبي ۾ عورتن جي لاءِ روزگار جا موقعا وڌائڻا پوندا، ان سلسلي ۾ قابل قدر مهارتن جي فراهمي جي لاءِ هنرمندي جي ادارن سان رابطو قائم ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وو??ين بزنس نيٽ ورڪ جي وفد سان ڳالهائين??ي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت سام علي دادا ڪري رهي هئي. صدر چيو ته عورتن جي مالي خودم??تي??ري جي لاءِ هنرمندي، ڊيجيٽل ۽ مالياتي شموليت وڌائڻ لازمي آهي. عورتن کي معيشت جي سمورن شعبن ۾ شامل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي هن چيو ته عورتن ۽ ڇوڪرين جي تعليم صنفي برابري ۽ ملڪي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جو اهم جز آهي، پرائيويٽ سيڪٽر ۾ عورتن جي لاءِ روزگار جا موقعا وڌائڻا پوندا. هن چيو ته عورتن کي قابل قدر مهارتن جي فراهمي جي لاءِ هنرمندي جي ادارن سان رابطا قائم ڪيا وڃن، سائنس، ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ ۽ رياضي جي شعبن ۾ عورتن جي مهارت ۽ تعليمي ترقي اهم آهي، عورتن کي ڪاروباري ۽ معاشي سرگر??ين ۾ حصو وٺڻ جي ترغيب ڏيڻ جي لاءِ ڪامياب عورتن جي ڪهاڻين کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر صنفي فرق ختم ڪرڻ جي لاءِ عملي ۽ بامعنيٰ قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چ??و ته عورتن جي مالياتي خودم??تي??ري جي لاءِ معاشي سرگر??ين جي مرڪزي ڌارا ۾ شامل ڪرڻو پوندو. وفد صدر کي عورتن کي سماجي ۽ اقتصادي طور تي باا??تي??ر بڻائڻ جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. صدر عورتن کي نوڪري فراهم ڪرڻ، مالي شموليت جي قدمن تي وو??ين بزنس نيٽ ورڪ کي ساراهيو.