لاهور-09 نومبر (اي پي پي) شاعر مشرق علامه محمد اقبال جي يومِ پيدائش جي مناسبت سان مزار اقبال تي ڪالهه گارڊز جي تبديليءَ جي پُروقار تقريب منعقد ڪ??ي، جنهن ۾ پاڪستان ن??وي جي چست جٿي مزار اقبال تي گارڊز جي فرض سنڀالي ورتا. پاڪستان ن??وي جي اسٽيشن ڪمانڊر لاهور ڪموڊور ساجد حسين تقريب جو خاص مهمان هو. پاڪستان ن??وي جي اسٽيشن ڪمانڊر لاهور گارڊز ۾ شامل پاڪستان رينجرز ۽ پاڪ بحري?? جي جٿن جو معائنو ڪيو ۽ سل??مي ورتي. گارڊز جي تقريب کانپوءِ قومي شاعر جي مزار تي اميرالبحر ايڊمرل نويد اشرف، پاڪ بحري?? جي آفيسرن، سيلرز ۽ نيوي سويلينز گلن جون چادرون چاڙهي فاتحه خواني ڪئي.