اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪستاني ٽيچر سسٽر زيف کي گلوبل ٽيچر پرائيز 2023ع کٽڻ تي مبارڪباد ڏيندي ان کي پاڪستان جي لاءِ هڪ شاندار لمحو قرار ڏنو آهي. پن??نج?? ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان جي لاءِ هي هڪ شاندار لمحو آهي جڏهن سسٽر زيف گلوبل ٽيچر پرائيز 2023ع کٽيو آهي. هن چيو ته تعليم من??نج?? دل جي تمام ويجهو آهي ڇو ته رڳو تعليم ئي اسان کي پاڻ پن??نج?? لاءِ ۽ پن??نج?? ملڪ جي لاءِ اعزاز حاصل ڪرڻ جي لاءِ اڳتي وٺي وڃي ٿي. هن ان قابل قدر ڪاميابي تي سسٽر زيف کي مبارڪباد ڏني. سسٽر زيف جڏهن 13 سالن جي هئي ته هن پٺتي پيل ٻارن جي لا??ِ پن??نج?? گهر جي اڱڻ ?? اسڪول جو بنياد رکيو. هوءَ عورتن جي حقن ۽ ٻارن جي تعليم جي وڪيل ۽ حقيقي تبديلي آڻيندڙ عورت آهي. هن کي هي ايوارڊ يونيسڪو جي سهڪار سان ڏنو ويو. هن ايوارڊ جي لاءِ 130 ملڪن مان 7 هزار درخواستون مليون هيون جن مان هن هي ايوارڊ کٽيو.