اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان کي 2023ع کان 2027ع تائين جي مدي لاءِ گڏيل قومن جي تعليمي، ??ائ??سي ۽ ثقافتي تنظيم (يونيسڪو) جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جو ٻيهر م??مب?? چونڊيو ويو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان جو يونيسڪو جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي م??مب?? طور ٻيهر چونڊجڻ ۽ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي پراڻي حمايت ۽ ان جي تعميري ڪردار جو ثبوت آهي. ترجم??ن وڌيڪ چيو ته ايگزيڪيوٽو بورڊ جي م??مب?? طور پاڪستان يونيسڪو جو مينڊيٽ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪندو ۽ پاليسي سازي، معيارن جي ترقي ۽ عالمي ترجيحن کي اڳتي وڌائڻ ۽ تنظيم جي پروگرامن سميت سرگرمين جي موثر نگراني ۾ پنهنجو حصو وجهندو. هن چيو ته پاڪستان گهڻ رخي پرجوش حامي طور سڀني خطن ۾ رابطا قائم ڪرڻ، ٺوس نتيجن ۽ زميني اثرن جي لاءِ اهم مس??لن تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو.