اسلام آ??اد – 06 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي خيبر ضلعي جي علائقي تيراهه ۾ دهشتگردن س??ن مقابلي ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل ۽ 3 فوجي جوانن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي حفاظت جي لاءِ جان قربان ڪندڙ پاڪ فوج جا جوان قوم جا هيرو آهن، شهيدن پنهنجي رت سان بهادري ۽ جرئت جي بي مثال تاريخ لکي آهي، پوري قوم پاڪ فوج جي شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري نگران وفاقي وزير دهشتگردن س??ن مقابلي ۾ شهيد ٿيندڙ ليفٽيننٽ ڪرنل محمد حسن حيدر، نائيڪ ??وش دل خان، نائيڪ رفيق خان ۽ لانس نائيڪ عبدالقادر جي درجن جي بلندي جي لاءِ دعا ڪئي ۽ گهرڀاتين س??ن همدرديءَ جو اظهار ڪيو. اطلاعات واري نگران وفاقي وزير چيو ته پاڪ فوج جي آفيسرن ۽ جوانن دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ هر پهرين دستي جو ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته ملڪ مان دهشتگردي جو مڪمل خاتمو آڻي سک جو ساهه کڻنداسين، دشمن جا ناپاڪ ارادا ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ ن?? ڏينداسين، پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي.