اسلام آباد – 22 – جنوري (اي پي پي) نگران پ??ڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سان چين جي نائب پرڏيهي وزير سن ويڊونگ سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ نگران پ??ڏيهي وزير ۽ چيني نائب پرڏيهي وزير هر آزمائش تي پورو لهندڙ تعاون تي ٻڌل اسٽريٽجڪ حصيداري جو ورجاءُ ڪيو ۽ سي پيڪ ۽ گڏيل اقتصادي ۽ مالي تعاون سميت ٻطرفن لاڳاپن جي سمورن رخن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب نگران پ??ڏيهي وزير پاڪ چين دوستي ??ي مضبوط بڻائڻ ۾ چ??ن جي نائب پرڏيهي وزير جي خدمتن کي ساراهيو ۽ سمورن معاملن تي چين پ??ران پ??ڪستان جي اڻٿڪ حمايت کي ساراهيو. هن سي پيڪ جي مسلسل ترقي تي اطمينان جو اظهار ڪندي پاڪستان جي لاءِ سي پيڪ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هن چيو ته پاڪستان گڏيل فائدن جي لاءِ سي پيڪ جي مڪمل صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ ڪوششون جاري رکندو. هن پ??ڪستان ۾ سي پيڪ جي سمورن منصوبن جي لاءِ چين جي تياري ۽ تعاون کي پڻ ساراهيو. چين جي نائب پرڏيهي وزير شاندار ميزباني تي نگران پ??ڏيهي وزير جا ٿورا مڃيندي چيو ته آئرن برادرز ۽ قابل اعتماد دوست جي حيثيت سان چين پنهنجي پرڏيهي پاليسي ۾ پاڪستان کي تمام گهڻي اهميت ڏ?? ٿو ۽ سمورن شعبن ۾ وڌيڪ گهري تعاون جو خواهشمند آهي.