اسلام آباد-12 مارچ (اي پي پي)واپار واري وفاقي وز??ر ڄام ڪمال خا?? چيو آهي ته وز??راعظم شهباز شريف جي اڳواڻيءَ ۾ ملڪ کي درپيش معاشي چئلينجز تي ضابطو آڻڻ لاءِ پُختو عزم کڻي آيا آهيون. واپاري واري وزارت طرفان جاري پڌرائيءَ موجب اهڙو اظهار هن واپار واري وزارت ۾ پنهنجو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ڪيو. وفاقي وز??ر جو استقبال وفاقي سيڪريٽري واپار ڪئپٽن (ر) محمد خرم آغا ڪيو. وفاقي سيڪريٽري طرفان افتتاهي بريفنگ دوران وزارت جي دائره ڪار ۽ مقصدن جو خاڪو پيش ڪيو ويو. ان موقعي تي واپار واري وز??ر چيو ته وزارت سيڙپڪاري ۽ مقامي ۽ غي?? مقامي سيڙپڪارن کي مڪمل طور تي سهولتون فراهم ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي. واپار واري وز??ر چيو ته واپار جو ڳاڻيٽو وڌائڻ سان گڏوگڏ کاڻين جي کو??ائ??، لائيو اسٽاڪ ۽ـ ٽيڪس??ائ?? جهڙن اهم شعبن ۾ نواڻ آڻينداسين. هن چيو ته عالمي معيارن سان هم آهنگ ٿيڻ ۽ جديد طريقن کي اختيار ڪرڻ جي اشد ضرورت آهي. ان کان علاوه روايتي واپاري نڪته نظر کي اڳتي وڌائڻ ۽ـ عالمي مارڪيٽ ۾ پاڪستان جي پوزيشن کي بهتر ۽ فعال بڻائڻ لاءِ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. واضح رهي ته ڄام ڪمال خا?? جو تعلق اين اي 257 لسٻيله سان آهي. هو بلوچستان جو وڏو وز??ر پڻ رهي چڪو آهي.