اسلام آباد– 11 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ريف کي ڪويت جي وزيراعظم شيخ محمد صباح الس??لم الصباح ٽيليفون ڪئي ۽ عيدالفطر جي موقعي تي مبارڪباد ڏني، پاڪستان ۽ ڪويت جي وچ ۾ پراڻي ۽ تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن کي اجاگر ڪندي ٻطرفن لاڳاپن جي مضبوطي ۽ لاڳاپن کي ٻنهي ملڪن جي عوام جي لاءِ گڏيل طور تي فائديمند حصيداري ۾ بدلائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز ??ريف کي ڪويت جي وزيراعظم شيخ محمد صباح الس??لم الصباح ٽيليفون ڪئي ۽ عيدالفطر جي موقعي تي مبارڪباد ڏني. ڳالهه ??ول??ه دوران وزيراعظم محمد شهباز ??ريف پنهنجي چونڊ جي موقعي تي ڪويتي قيادت پاران مبارڪباد واري پيغام جو ذڪر ڪندي ڪويتي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن پاڪستان ۽ ڪويت جي وچ ۾ پراڻي ۽ تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن تي روشني وجهندي پاڪستان، ڪويت ٻطرفن لاڳاپن جي مضبوطي ۽ پاڪستان جي انهن لاڳاپن کي ٻنهي ملڪن جي عوام جي لاءِ گڏيل طور تي فائديمند حصيداري ۾ بدلائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم نه رڳو پاڪستان ۽ ڪويت جي وچ ۾ اقتصادي ۽ واپاري تع??ون جي فروغ جي ضرورت تي زور ڏنو پر پاڪستان پاران گذريل سال ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ صحيحون ٿيل معاهدن ۽ مفاهمتي ياداشتن تي جلد عملدرآمد جي خاطري ڪرائي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ڪويت جي عوام جي سلامتي ۽ خوشحالي، مسلمان امت جي وچ ۾ ڀائيچاري ۽ خاص طور تي معصوم فلسطيني ڀينرن ڀائرن تي جاري اسرائيلي ظلم ۽ ڏاڍ جي خاتمي جي دعا ڪئي. ڪويت جي وزيراعظم پاڪستان جي عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪرڻ سان گڏوگڏ ڪويتي حڪومت پاران پاڪستان سان تع??ون جي وڌيڪ فروغ جي خواهش جو اظهار ڪيو.