اسلام آباد-11 جون (اي پي پي) مالي سال 24-2023ع ۾ حڪومت طرفان سخت مالياتي نظم ۽ ضبط باوجود حڪومتي خرچن تي دٻاءُ برقرار رهيو. حڪومتي خرچن تي دٻاءُ جو بنيادي سبب قرضن تي وياج جي ادائيگين ۾ بي پناهه اضافو آهي. جاري ڪيل اقتصادي سروي موجب هلندڙ مالي سال جي پهرين 9 مهينن دوران مالياتي خسارو 3.7 سيڪڙو رهيو، هلندڙ مالي سال جي پهرين 9 مهينن دوران ??ل حڪومتي خرچن ۾ 36.6 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ?? اهو وڌي 13682.8 ارب روپين تائين پهچي ويو جيڪو گذريل مالي سال جي انهي مدي دوران اٽڪل 10 هزار ارب روپيا هو. حڪومت جي جاري خرچن ۾ 33.4 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ?? اهو وڌي 12333.3 ارب روپين تي پهچي ويو. ڪل ترقياتي خرچن ۾ 14.2 سيڪڙو جو اضافو ٿيو جيڪو وڌي 1158.1 ارب روپين تي پهچي ويو جيڪو گذريل مالي سال جي انهي عرصي دوران 1014 ارب روپيا ??و ۽ عوام مالي سال جي پهرين 9 مهينن دوران حڪومتي محصول ۾ 41 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ?? اهو وڌي 7980.4 ارب روپين تي پهچي ويو، ٽيڪس محصولن ۾ 29.3 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ?? اهو وڌي 7262.5 ارب روپين تي پهچي ويو. هلندڙ مالي سال جي پهرين 11 مهينن دوران فيڊرل بورڊ آف روينيو طرفان نج عارضي ٽيڪس اوڳاڙي جي مد ۾ 30.8 سيڪڙو جو اضافو ٿيو. جيڪو وڌي 8125.7 ارب روپين تي پهچي ويو. هلندڙ مالي سال جي پهرين 9 مهينن دوران چئني صوبن طرفان 435.5 ارب روپين جو گڏيل سرپلس ڏنو ويو.