اسلام آباد– 13 – جون (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته چين جي ناليواري ٽيڪ ڪمپني سان طئي ٿيل فريم ورڪ تحت هر سال 2 لک نوجوانن کي آءِ ٽي ٽريننگ ڏني ويندي، حڪومت تعليم جي ذريعي نوجوانن جي روشن مستقبل جي تعمير جي لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان جي پڙهيل لکيل ورڪ فورس دنيا جي ترقي يافته ملڪن جي لاءِ هڪ قيمتي اثاثو آهي، ايجوڪيشن ايڪسپو پاڪستاني شاگردن جي لاءِ دنيا جي اعليٰ يونيورسٽين ۾ اعليٰ تعليم موقعا فراهم ڪندي. هو نجي ميڊيا هائوس پاران منعقد نيوز ايجوڪيشن ايڪسپو 2024ع کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??يجوڪيسن ايڪسپو جي ذريعي پاڪستاني شاگردن کي دنيا جي اعليٰ يونيورسٽين ۾ پنهنجي اعليٰ تعليم جي لاءِ موقعا ڳولڻ جو موقعو فراهم ڪيو وڃي ٿو. اها هڪ اهڙي سياسي خدمت ۽ ڪوشش آ??ي جنهن جي جيتري تعريف ڪئي وڃي گهٽ آهي. اهڙين سرگرمين سان تعليمي ادارن کي پڻ موقعو م??ي ٿو ته ??هي قابليت کي حاصل ڪري سگهن. اسان جي ملڪ ۾ 68 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي، اها نوجوان آبادي پاڪستان جي لاءِ تمام وڏو موقعو آهي ڇو ته ??نيا ۾ پڙهيل لکيل ۽ هنرمند ماڻهن جي تمام گهڻي ضرورت آهي، آءِ ٽي، منرلز، مائنز، زراعت، آئل اينڊ گئس سميت هر فيلڊ ۾ دنيا جا ترقي يافته ملڪ ٽيلينٽ ورڪ فورس جا ڳولائو آهن ان ڏس ۾ پاڪستان جي پڙهيل لکيل ورڪ فورس جو دنيا جي ترقي يافته ملڪن جي معيشت ۾ اهم ڪردار آهي. هن چيو ته ??هڙين سرگرمين سان نه رڳو شاگردن کي ڪيريئر ڪونسلنگ جو موقعو م??ي ٿو پر يونيورسٽين کي پڻ موقعو م??ي ٿو ته ??هي ٽيلينٽ کي بهتر بڻائي سگهن ٿيون ته ??هي بطور شهري پاڪستان جي ترقي، جي ڊي پي گروٿ ۾ ڪردار ادا ڪري سگهن. هن چيو ته ??ڏهن کان اسان جي حڪومت آئي آهي اسان جا معاشي انگ اکر بهتر ٿي رهيا آهن، بلوم برگ، ايشين ڊيولپمينٽ بئنڪ، يو اين ڊي پي سميت هر رپورٽ ٻڌائي رهي آهي ته ??سان جي ڪرنسي مضبوط ٿي آهي، پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 15 ڏينهن مان وڌي 2 مهينن جي ڪور تائين پهچي چڪا آهن، مهانگائي 17 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 11 سيڪڙو تي آئي جيڪا رڪارڊ گهٽٽائي آهي اهي سمورا انگ اکر ٻڌائين ٿا ته مجموعي طور تي معيشت بهتري طرف جاري آهي. انهي مان اسان کي فائدو کڻڻو آهي، اسان جي روشن مستقبل جو دارومدار تعليم تي ئي آهي. اسان کي پنهنجي نوجوانن کي رهنمائي ۽ صحيح رخ فراهم ڪرڻو آهي. هن چيو ته ٽيڪنالاجيڪل ايڊوانسمنٽ ۾ دنيا تمام اڳتي وڃي چڪي آهي، اسان کي به انهي ڏس ۾ پنهنجي نوجوان نسل کي موقعا فراهم ڪرڻا آهن. هن چيو ته نيوز ايجوڪيشن ايڪسپو جو انعقاد خوش آئنده آ??ي جيڪا گذريل ڪجهه سالن کان تسلسل سان ٿي رهي آهي، انهن ڪوششن کي ساراهيان ٿو، اها نه رڳو اسان جي نوجوان نسل جي لاءِ پر اسڪلز جي حوالي سان پڻ فائديمند ثابت ٿيندي. هن چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت سدائين نوجوانن جي حوصلا افزائي ڪئي آهي، جڏهن شهباز شريف خادم پنجاب هو ته نوجوانن جي لاءِ ڪيترائي قدم کنيا، شاگردن کي فري ليپ ٽاپ، ميرٽ بيسڊ اسڪالرشپ سان گڏوگڏ پهريون ڀيرو ملڪي سربراهن کانسواءِ سٺي ڪارڪردگي رکندڙ شاگردن کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. هن چيو ته ??سان کي روشن مستقبل نظر اچي رهيو آهي، گذريل ڪجهه سال مشڪل ضرور هئا ڇو ته ??سان ڏيوا??ي ٿيڻ جي ويجهو پهچي ويا هُئاسين، جيڪڏهن اسان نوجوانن کي اهي اسڪلز ڏنا جن جا اهي مستحق آهن ۽ معاشي انگ اکر اهڙي طرح اڳتي وڌندا رهيا ته ??هو ڏينهن پري نه آ??ي جڏهن اسان دنيا جي بهترين معيشتن ۾ شامل ٿي وينداسين. وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته چين جي هڪ ناليواري ٽيڪ ڪمپني سان فريم ورڪ طئي ٿي ويو آهي هر سال 2 لک ٻارن کي آءِ ٽي ٽريننگ ڏني ويندي، اسان جا دنيا جي بهترين آءِ ٽي ڪمپنين سان معاهدا ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن. هن چيو ته ??سلام آباد جي تعليمي ادارن ۾ آءِ ٽي بورڊ، اسٽارٽ اپس طرف وڃي رهيا آهيون.