اسلام آباد-13 جون (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته فري لانسرز جي حوالي سان پاڪس??ان دنيا جو ٽيون وڏو ملڪ آهي. ايندڙ بجيٽ ۾ آءِ ٽي کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪرنٽ ۽ ڊ??لپ??ينٽ ٻنهي محاذن تي نمايان فنڊ رکيا ويا آهن. ڊجيٽل انف??اس??رڪچر کي بهتر بڻايو ويندو. پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس دوران هن ٻُڌايو ته هن وقت اسان جي آءِ ٽي ج?? روانگي واپار 3.5 رب ڊالر آهي ج??هن کي 7 کان 8 ارب ڊالرن تائين وڌائي سگهجي ٿو. هن چيو ته ننڍن ۽ وچولي درجي ج?? ڪاروبارن لاءِ جيڪا فنانس ٿيڻي هئي اها نه ٿي آهي، ننڍن ڪاروبارن لاءِ بئنڪن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. گذريل ڪجهه هفتن کان اسان جي گورنر اسٽيٽ بئنڪ ۽ پاڪس??ان بئنڪرز ايسوسيئيشن سان ان حوالي سان ميٽنگون ٿيون آهن، ان ميٽنگز ۾ زراعت، آءِ ٽي ۽ ايس ايم ايز لاءِ فنانسنگ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. انهن شعبن لاءِ بجيٽ سبسڊي تحت به رقم رکي وئي آهي. ايس ايم ايز جي فرسٽ لاس جي گارنٽي حڪومت ڏيندي، اهڙيءَ طرح ايڪسپورٽ فنانسنگ جو شعبو هاڻ ايگزم بئنڪ کي منتقل ٿي رهيو آهي، جنهن سان ايس ايم ايز کي فائدو پهچندو.