اسلام آباد – 08 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلامي جمهوريه ??ير??ن جي ??ئي?? چونڊيل صدر ڊاڪٽر مسعود پيز شڪيان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابي تي کيس دلي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??ير??ن جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي جي لاءِ ني?? خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ جمهوري عمل جي ذريعي ??ئي?? صدر جي چونڊ تي کيس ۽ ??ير??ن جي ڀائر عوام کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته ڀائر پاڙيسري ملڪن جي حيثيت سان پاڪستان ۽ ??ير??ن گڏيل تاريخ، مذهب، ثقافت ۽ روايتن جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌل آهن. ??ير??ن جي ??ئي?? چونڊيل صدر جي ڪاميابي جي لاءِ ني?? خواهشن جو اظهار ڪندي وزيراعظم چيو ته هو پاڪستان ??ير??ن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ واپار، توانائي ۽ علائقائي سلامتي سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ ان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو منتظر آهي. ان حوالي سان وزيراعظم چيو ته اپريل 2024ع ۾ مرحوم صدر ڊاڪٽر سيد ابراهيم رئيسي جي تاريخي دوري دوران ٻنهي ملڪن پاران گڏيل طور تي ڪيل فيصلن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل لاڀائتي تعاون تي ٻڌل حصيداري جو هڪ بهتر??ن بنياد رکيو هو. ??ير??ن جي ??ئي?? چونڊيل صدر پيز شڪيان ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ڀائ??اڻ?? لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي مبارڪباد تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. ٻنهي اڳواڻن علائقائي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ويجهي رابطي ۽ مشاورت جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. اها ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه پاڪستان ۽ ??ير??ن جي وچ ۾ دوستي ۽ ڀائيچاري جي مضبوط رشتن ۽ خطي ۾ امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي فروغ جي لاءِ ان جي گڏيل عزم جي عڪاسي ڪري ٿي.