اسلام آباد – 02 – جولائي (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف تاجڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي اسلام آباد کان دوشنبي روانو ٿي ويو. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزي??اع??م جي وفد ۾ نائب وزي??اع??م ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ وزي??اع??م جو خاص معاون س??د طارق فاطمي شامل آهن. دوشنبي پهچڻ کانپوءِ وزي??اع??م تاجڪستان جي قومي هيرو اسماعيل ساماني جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهيندو. وزي??اع??م قصرِ ملت جو دورو ڪندو جتي هو تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان سان ملاقات ڪندو. وزي??اع??م پاڪستان ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ گڏيل حصيداري جي حوالي سان مفاهمتي يادداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪندو. ان تقريب جي پڄاڻي تي وزي??اع??م ۽ تاجڪ صدر گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندا. تاجڪ صدر وزي??اع??م ۽ پاڪستاني وفد جي مان ۾ قصر نورز ۾ آجياڻو پڻ ڏيندو.