ڪوئيٽ?? – 08 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستان جي صوبائي حڪومت تي زور ڏنو آهي ته مشاورت سان ??سئ??ن جي نشاندهي ڪري ۽ انهن جي حل جي لاءِ ٺوس منصوبابندي ڪئي وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب گورنر هائوس ڪوئيٽا ۾ مسلم ليگ (ن) جي پارليامينٽ ميمبرن جي وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته بلوچستان مان چونڊيل نمائندا صوبي جي ترقي جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته بلوچستان ۾ صوبائي اتحادي حڪومت مشاورت سان ??سئ??ن جي نشاندهي ڪري ۽ انهن جي حل لاءِ ٺوس منصوبابندي ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته مسلم ليگ (ن) عوامي خدمت تي يقين رکي ٿي، پارٽي جا چونڊيل نمائندا عوامي ڀلائي تي ڌيان ڏين ۽ بلوچستان جي گورنر ۽ وڏي وزير سان مشاورت سان تڪن ۾ ترقياتي منصوبن جي تڪميل ۽ درپيش ??سئ??ا حل ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻن. ملاقات ۾ بلوچستان سان تعلق رکندڙ مسلم ليگ (ن) جي پارليامينٽ ميمبرن سان گڏوگڏ وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، اعظم نذير تارڙ، بلوچستان جو گورنر جع??ر خان مندوخيل ۽ پارٽي عهديدار پڻ موجود هئا.