لاهور -04 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي، ته سپريم ڪورٽ جي ٻن معزز ججن مخصوص سيٽن جي حوالي سان پنهنجي اختلافي نوٽ ۾ اهم نقطا اٿاريا. مخصوص سيٽن جي معاملي تي ان پارٽي کي رليف ڏنو ويو، جيڪا درخواست گذار ئي نه هئي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته سپريم ڪورٽ جي ٻن معزز ججن جسٽس امين الدين خان ۽ جسٽس نعيم اختر افغان تفصيلي اختلافي نوٽ جاري ڪيو آهي، ج??هن ۾ چيو ويو آهي، ته تفصيلي فيصلو 15 ڏي??هن گذرڻ باوجود ناهي اچي سگهيو. هن چيو ته عام طور تي فيصلو ٻڌائڻ جي 15 ڏي??هن اندر تفصيلي فيصلو جاري ٿيندو آهي، هن چيو ته آئين جا ڪجهه آرٽيڪلز مخصوص سيٽن بابت آهن. مخصوص سيٽن جي حوالي سان فيصلي ۾ ا??هن آرٽيڪلز کان هٽي ڪري فيصلو ڏنو ويو آهي. وفاقي وزير چيو ته سپريم ڪورٽ جي ٻن معزز ججن جي اختلافي نوٽ ۾ اهو به لکيل آهي، ته تحريڪ انصاف ان ڪيس ۾ ڌر نه هئي، ان کي رليف ڏيڻ لا??ِ آئين جي آرٽيڪل 175 ۽ 185 ۾ حاصل ڪيل اختيارن کان ٻاهر وڃڻو پوندو ۽ آرٽيڪل 51، 63 ۽ 106 کي رد ڪرڻو پوندو. وفاقي وزير چيو ته تحريڪ انصاف عدالت سامهون درخواست گذار جي حيثيت سان موجود ئي نه هئي، پر ان جي 81 ميمبرن کي رليف ڏنو ويو ۽ اهي ماڻهو جيڪي مخصوص سيٽن تي چونڊجي آيا ۽ حلف کڻي چڪا هئا، ا??هن جي ??ڪن??ت ختم ڪئي وئي. ا??هن جي ??ڪن??ت ختم ڪرڻ کان پهرين جيڪي مرحلا طي ٿيا، اهي قانوني طور تي پنهنجي جاءِ تي موجود آهن. هن چيو ته اها حقيقت آهي، ته سني اتحاد ڪائونسل جا ميمبر جيڪڏهن ايوان ۾ سني اتحاد ڪائونسل مان نڪري تحريڪ انصاف جي صفن ۾ ويهندا ته اهو آرٽيڪل 62 (1) ايف جي ڀڃڪڙي هوندي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي ٻن معزز ججن پنهنجي اختلاف نوٽ ۾ اهو به چيو ته ثابت ٿيل حقيقت آهي، ته سني اتحاد ڪائونسل سياسي پارٽي طور عام چونڊ ۾ حصو نه ورتو، جڏهن ته سني اتحاد ڪائونسل جي چيئرمين به آزاد حيثيت ۾ چونڊ ۾ حصو ورتو. هن چيو ته ان تي آئين ۽ قانون واضح آهن. آئين تحت ا??هن سياسي پارٽين جيڪي پارليامينٽ ۾ موجود آهن کي متناسب نمائندگي جي فارمولي تحت مخصوص سيٽون ڏنيون وينديون آهن. هن چيو ته سني اتحاد ڪائونسل جو پارليامينٽ ۾ وجود ئي نه هو، ان جي چيئرمين به آزاد حيثيت م اليڪشن وڙهي ۽ تحريڪ انصاف جي اڳوڻن ميمبرن ان پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪرڻ مناسب سمجهيو ج??هن جو پارليامينٽ ۾ وجود ئي نه هو. هن چيو ته جڏهن هڪ سياسي پارٽي جو پارليامينٽ ۾ وجود ئي نه هجي ته ان کي مخصوص سيٽون ڪيئن ملي سگهن ٿيون. هن چيو ته سني اتحاد ڪائونسل جي پنهنجي آئين ۾ لکيل آهي ته ڪو به اقليتي ميمبر ا??هن جي پارٽي ۾ شموليت اختيار نٿو ڪري سگهي، اهڙي طرح ا??هن کي اقليتي سيٽون به نٿيون ملي سگهن. وفاقي وزير چيو ته سپريم ڪورٽ جي ٻن ججن جي اختلافي نوٽ مان اهو سوال پيدا ٿي ويو آهي، ته ان فيصلي تي عملدرآمد لا??ِ آئين جي مخصوص سيٽن بابت آرٽيڪلز کي معطل ڪرڻو پوندو. هن چيو ته تحريڪ انصاف کي هن ڪيس ۾ بنا گهرڻ جي رليف ڏنو ويو، ا??هن ماڻهن کي رليف ڏنو ويو جيڪي رليف گهرڻ ئي نه آيا هئا. هن چيو ته مخصوص سيٽن تي جيڪي ماڻهو چونڊيا ا??هن جي به حق تلفي ٿي آهي. ا??هن کي به ٻڌڻ گهرجي ها. مخصوص سيٽن تي ميمبرن جي چونڊ جي پوري طريقيڪار تي عمل ٿيو. شيڊيول تحت لسٽون اليڪشن ڪميشن ويون، ا??هن فهرستن جي بنياد تي ميمبرن کي شارٽ لسٽ ڪيو ويو، ڇنڊڇاڻ ٿي ۽ ان کان پوءِ ا??هن جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيو ۽ ا??هن ميمبرن اسيمبلي ۾ حلف کنيو. هن چيو ته مخصوص سيٽن تي چونڊيل ميمبرن جي ??ڪن??ت ته ختم ڪئي وئي، جڏهن ته ا??هن باقي مرحلن تي غور نه ڪيو ويو. وفاقي وزير چيو ته عدليه جي فيصلي خلاف مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽي نظرثاني جي درخواست ڏني آهي، جڏهن ته اڃا تائين ان کي ٻڌڻي لاءِ مقرر ناهي ڪيو ويو. هن چيو ته سپريم ڪورٽ جي ٻن معزز ججن پنهنجي اختلاف نوٽ م آئيني ۽ قانوني نقطا اٿاريا آهن، اهي نقطا ليگل فريم ورڪ تي وڏو سواليه نشان آهن، ج??هن جو جواب اچڻ ضروري آهي.