سرينگر- 04 آگسٽ (اي پي پي) ڀارت جي غير قانوني قبضي خلاف والاريل ڄمون ڪشمير ۾ سرينگر سميت مختلف علائقن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پوسٽر لڳايا ويا ??هن جن ۾ عوام کي اپيل ڪئي وئي آهي ته اهي (اڄ) 05 آگسٽ يوم استحصال کي ڪارو ڏينهن طور ملهائين. ڪشمير ميڊيا ??روس موجب 05 آگسٽ 2019 ۾ بي جي پي جي هندو پرست حڪومت عالمي طور تي تسليم ٿيل تڪراري علائقي جي خاص حيثيت ڏيڻ واري آئين جي قلم 370 ۽ 35 (اي)کي رد ڪري علائقي ۾ فوج کي مقرر ڪ??و هو. غير قانوني طور تي نظر بند ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي اڳواڻن مسرت عالم بٽ، شبير احمد شاه، محمد ياسين م??ڪ، مير واعظ عمر فاروق، آسيه اندرابي ۽ نعيم احمد خان جي تصويرن وارا پوسٽر سرينگر جي مختلف علائقن ۾ لڳايا ويا ??هن جن ?? ڀارت جي 05 آگسٽ 2019 واري غير قانوني ۽ هڪ طرفي فيصلي کي رد ڪيو ويو آهي، مختلف حريت پسند تنظيمن پاران لڳايل پوسٽرن ?? 05 ??گسٽ 2019 واري قدم کي واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ٻين مطالبن ۾ قلم 370 ۽ اي 35 جي فوري بحالي، ڪشمير تڪرار جو گڏيل قومن موجب حل، سمورن سياسي نظر بندن جي آزادي ۽ ولاريل ڄمون ڪشمير ?? ڀارتي فوج پاران جاري انساني حقن جي خلاف ورزين جو خاتمو شامل آهي، پوسٽر واٽس ايپ، ايڪس، فيس بڪ ۽ انسٽاگرام پليٽ فارمز تي پڻ ڏسي سگهجن ٿا.