اسلام آباد – 29 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان د??لت مشترڪه جي سيڪريٽري جنرل پيٽري??يا اسڪاٽ لينڊ پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب هن واپار ۽ سيڙپڪاري، ڪلائميٽ ريزيلينس، پائيدار ترقي، نوجوانن ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ، تعليم ?? ٽيڪنيڪي جدت تي خصوصي ڌيان ڏيڻ سان گڏ پاڪستان ۽ د??لت مشترڪه جي وچ ۾ تعاون جا رستا ڳولڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.