اسلام آباد -31 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن نقوي سان مجلس وحدت المسلم??ن جي ايم اين اي حميد حس??ن جي اڳواڻي ۾ ڪرم سان تعلق رکندڙ وفد ملاقات ڪئي. گهرو وزير ڪرم جي علائقي ۾ پيش آيل افسوسناڪ واقعن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي مس??قبل ۾ اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ جامع حڪمت عملي ترتيب ڏيڻ تي ڳالهيون ڪيون. محسن نقوي قيمتي انساني حيات??ن جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي زخم??ن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي. هن چيو ته ٻن گروپن وچ ۾ تڪرار کي غلط رنگ ڏنو ويو، ان سلسلي ۾ علائقي جي معزز شخصيتن کي ان مس??لي جي جٽادار حل لاءِ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ??رڻ?? آهي. حڪومت معاملي جي حل لاءِ هر ممڪن مدد فراهم ڪندي. علائقي ۾ ڀائيچاري ۽ هم آهنگي کي برقرار رکڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪردار ادا ڪرڻ جي ضرورت آهي. وفاقي وزير ڪرم جي ٻنهي گروپن جي معزز شخصيتن سان نمائنده وفد کي به ملاقات لاءِ گهرايو. وفد ۾ منير حسين، پروفيسر شبير ??نگ?? ۽ ٻيا شامل هئا. وفاقي گهرو سيڪريٽري خرم علي آغا به ان موقعي تي موجود هو.