اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته تهران ۾ پاڪستاني سفارتخانو يزد ??هر ۾ افسوسناڪ بس حادثي کانپوءِ ايراني عملدارن سان ملسلسل ر??بطي ۾ آهي جنهن ۾ 28 پاڪستاني زائرين شهيد ٿي ويا آهن. نائب وزيراعظم حادثي ۾ فوت ٿيندڙ پاڪستاني زائرين جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته اسان کي زخمي زائرين بابت به سخت ڳڻتي آهي. نائب وزيراعظم چيو ته هن تهران ۾ پاڪستاني سفير کي هدايت ڪئي آهي ته هو صحيح صورتحال جو پتو لڳائي ۽ زخمين کي فوري طبي امداد فراهم ڪري ۽ ان سان گڏوگڏ ميتن ??ي پاڪستان موڪلڻ جو بندوبست ڪري. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان جو سفارتخانو يزيد ??هر ۾ عملدارن سان مسلسل ر??بطي ۾ آهي. هن ايراني حڪومت پاران مدد ۽ معاونت تي ٿورا مڃيا.