اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بلوچستا?? جي علائقي موسيٰ خيل ۾ مسافر بس تي دهشتگرد حملي تي شديد ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ا?? جي شديد مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ ??ار??ن جاري بيان موجب و??يراعظم شهيد?? جي مغفرت جي لاءِ دعا ۽ پونئير?? جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. وزيراعظم مقامي انتظاميا کي پونئيرن سان مڪمل تعاون ۽ زخمين کي فوري طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي واقعي جي فوري جا?? جي هدايت ڪندي چيو ته ان واقعي جي ذميوار دهشتگردن کي سزائون ڏنيون وينديون. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ ڪنهن به قسم جي دهشتگردي ??طع?? طور تي قبول نه آهي، ملڪ مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين دهشتگرد?? جي خلاف اسا?? جي جنگ جاري رهندي.