لنڊن -08 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گذريل ڏينهن پاڪستاني ڄائي برطانوي پارليامينٽ ميمبر سان پاڪستان هائوس لنڊن ۾ تفصيلي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم کيس پاڪستان جي معاشي بحالي جي روڊ ميپ بابت بريفنگ ڏني ۽ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هن ڀارتي غيرقانوني طور قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۽ غزه ۾ انساني حقن ??اء?? سندس حمايت کي ساراهيو. واضح رهي ته برطانيه جي تازي چونڊ ۾ 15 پاڪستاني ڄاوا پارليامينٽ جا ميمبر چونڊيا ويا آهن. ڊپٽي اسپيڪر هائوس آف ڪامنز نصرت غني سميت ڪيترائي برطانوي پارليامينٽ ميمبر ان موقعي تي دعوت ۾ شريڪ ٿيا. دعوت پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر محمد فيصل پاڪستان هائوس ۾ ڏني وئي. ان موقعي تي نائب وزيراعظم پاڪستاني ڄائي برطانوي پارليامينٽ ميمبرن کي چونڊن ۾ ڪاميابي تي مبارڪون ڏنيون. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ برطانيه جي لاڳاپن جي تاريخ، ثقافت ۽ گڏيل مقصدن تي ٻڌل آهي. پاڪستاني ڄائي برطانوي پارليامينٽ ميمبرن جو تعداد 15 ٿي ويو آهي. جيڪو برطانوي جمهوريت جي ڪاميابي جو ثبوت آهي. دهشتگردي جي خاتمي ??اء?? پاڪستان وڏيون جاني ۽ مالي قربانيون ڏنيون آهن. نائب وزيراعظم چيو ته پاڪستان حڪومت جي ترقي جي سفر ۾ ڪنهن رڪ??وٽ کي برداشت نه ڪنداسين. نائب وزيراعظم، برطانوي پارليامينٽ جي ميمبر سان پاڪستان ۾ برطانوي سيڙپڪاري وڌائڻ جي تجويزن تي به ڳالهيون ڪيون جڏهن ته برطانوي پارليامينٽ جي ميمبرن والاريل ڪشمير ۽ غزه جي مظلوم عوام تي مظلمن خلاف آواز اٿاريو.