اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح جو 76 هون وف??ت جو ڏهاڙو 11 سيپٽمبر ار??ع ڏينهن پوري پاڪستان ۾ نهايت عقيدت ۽ اح??رام سان ملهايو ويندو. ان ڏينهن جي حوالي سان سڄي ملڪ ۾ سيمينارز، ڪانفرنسون ۽ مختلف پروگرام منعقد ڪيا ويندا. جڏهن ته مختلف ٽيليويزن ۽ اخبارن ۾ پروگرام ۽ خاص اشاعتون ڪڍيون وينديون. جڏهن ته مختلف اڳواڻ قائداعظم جي مزار تي حاضري ڀري کي?? خراج عقيدت پيش ڪندا.