اسلام آباد – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جون مالي ضرورتون تمام گهڻيون آهن ۽ موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ايشيائي ترقياتي ??ئن?? (اي ڊي بي) پاران تعاون وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته 2022ع ۾ شديد موسمياتي تبديلين ۽ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ ملڪي ??عيشت سان گڏوگڏ زراعت جي شعبي، تعليمي ۽ رستن جي بنيادي ڍانچي تي گهرا اثر ڇڏيا آهن. ايوان صد?? جي پريس ونگ موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ايشيائي ترقياتي ??ئن?? جي صدر مسرتسوگو اس??ڪا??ا سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ملاقات دوران سينيٽر شيري رحمان ۽ سينيٽر سليم مانڊوي والا پڻ شريڪ هئا. صدر ايشيائي ترقياتي ??ئن?? جي صدر کي پاڪستان کي درپيش معاشي ?? ماحولياتي چئلينجز بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته دهشتگردي جي خلاف جنگ ملڪ کي تمام گهڻو معاشي نقصان پهچايو آهي. صدر پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ ايشيائي ترقياتي ??ئن?? جي تعاون کي ساراهيو. هن 2022ع جي ٻوڏ جي ڏس ۾ پاڪستان جي مدد ڪرڻ تي ايشيائي ترقياتي ??ئن?? جي صدر جا ٿورا مڃيا. ايشيائي ترقياتي ??ئن?? (اي ڊي بي) جي صدر مسرتسوگو اس??ڪا??ا چيو ته پاڪستان کي موسمياتي تبديلي جا سنگين اثر درپيش آهن، خاص طور تي گليشيئرز تيزي سان پگهري رهيا آهن. هن چيو ته ايشيائي ترقياتي ??ئن?? ايندڙ ٽن سالن دوران پاڪستان کي ساليانو 2 ارب ڊال?? جي امداد فراهم ڪندي ۽ انفراسٽرڪچ?? جي ترقي ۽ آبهوا کي منهن ڏيڻ جي قدمن جي حمايت جي لاءِ ??ئن?? جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وڌيڪ اهو ته هن پاڪستان ۾ معاشي بحالي ۽ استحڪام جي تازن انگن اکرن کي ساراهيو.