اسلام آباد-10 آڪٽوبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چي?? آهي ته پاڪستان جي حڪومت معاشي سڌارن ذريعي ملڪي معيشت کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪر?? رهي آهي، جن ۾ نجي شعبي جي حصيداري، ڪر??ٽ اڪائونٽ خساري ۾ گهٽتائي، پرڏيهي متا سٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ واڌ ۽ روپئي جي قدر ۾ بهتري شامل آه??، اهي قدم نه رڳو معاشي استحڪام جي راهه هموار ڪر?? رهيا آهن پر عوام جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ اهم آهن. اهڙو اظهار هن ڪالهه خميس ڏينهن پاڪستان سعودي عرب بزنس فورم کي خطاب ڪند?? ڪيو. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ معاشي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ ۽ سيڙپڪاري جي موقعن کي هٿي ڏيڻ جي حوالي سان اهم آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستاني معيشت جي استحڪام جون ڪوششون جاري آهن، جيڪي ملڪي ترقي لاءِ هڪ مثبت اشار?? آهن. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته حڪومت جو ڪردار ڪاروبار ڪرڻ ناهي پر نجي شعبي کي سهولت فراهم ڪرڻ آهي. هن بزنس ٽو بزنس ماڊل ذريعي واپار ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ لاءِ سعودي عرب جي نمائندن جي آجيان ڪئي. وفاقي وزير گذريل 14-12 مهينن ۾ معاشي استحڪام ۾ نمايان اڳڀرائي جو حوالو ڏنو. پاڪستان بنيادي سرپلس حاصل ڪيو، پنهنجي ڪر??ٽ اڪائونٽ خساري کي هڪ بلين ڊالرن کان گهٽ ڪر?? ڇڏيو، پنهنجي ڪر??سي کي مستحڪم ڪيو ۽ ٻن مهينن جي امپورٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ اضافو ڪيو. وفاقي وزير چيو ته انهن فائدن کي هلندڙ مالي سال مٽاسٽا جي ناڻي، روانگي واپار ۾ اضافي ۽ ناڻي واڌ ۾ 38 سيڪڙو کان 6.9 سيڪڙو تائين جي گهٽتائي سان مضبوط ڪيو وي?? آهي. پاليسي ريٽ ۾ گهٽتائي سان ڪاروباري برادري کي به فائدو ٿي?? آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ڪر??ڊٽ ريٽنگ کي اپ گري?? ڪيو وي?? آهي تنهن هوندي به گهٽ ۾ گهٽ شرح حاصل ڪرڻ لاءِ وڌيڪ ڪجهه ڪرڻ?? آهي. هن چيو ته اسلام آباد اسٽاڪ ايڪسچينج رڪارڊ بلندي تي پهچي وئي ۽ آءِ ايم ايف جي بورڊ ملڪ لاءِ توسيعي پروگرام جي منظوري ڏئي ڇڏي. هن چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام ۾ ميڪرو اڪنامڪ ۾ استحڪام آڻڻ ۽ ٻيو ڍانچاجاتي سڌارا لاڳو ڪرڻ شامل آهي. هن ساختي سڌارن، پائيدار ترقي ۽ ٽيڪس سڌارن کي هٿي ڏيڻ لاءِ حڪومت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته پاڪستان سيڙپڪاري جي حوالي سان مثبت ۽ حوصلي وار?? آهي. هن ڪاورباري موقعن کي اجاگر ڪيو ۽ عالمي سيڙپڪارن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏني. هن چيو ته پاڪستان عالمي اقتصادي منظرنامي ۾ هڪ پرڪشش مقام طور اڀري رهي?? آهي. هن چيو ته حڪومت جو مقصد نجي شعبي جي صلاحيتن کي وڌائڻ ۽ معيشت جي ترقي ۾ ان جي ڪردار کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ آهي.