اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پ?? پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي ??رب جي 94 هين قومي ڏينهن جي موقعي تي سعودي حڪ??مت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ سعودي ??رب جي وچ ۾ مضبوط ۽ پائيدار دوستي جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا، اسان خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا رهنداسين، خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز ۽ ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان جي متحرڪ قيادت ۾ سعودي ??رب عالمي رهنما ??و ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، بين المذاهب مڪالمي، افهام تفهيم ۽ مختلف عالمي فورمز جي ذريعي تعاون جي فروغ جون سعودي ڪوششون مثالي آهن، پاڪستان ۽ سعودي ??رب جا لاڳاپا گڏيل احترام، تعاون، گڏيل قدرن ۽ پائيدار دوستي تي ٻڌل قدر رکن ٿا، مسلمان دنيا جي رهنما ??ي طور تي سعودي ??رب انصاف، برابري ۽ امن جي مقصد جي مسلسل حمايت ڪئي آهي. سعودي ??رب جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پ??هنجي خصوصي پ??غام ۾ وزيراعظم چيو ته حڪ??مت ۽ پاڪستان جي عوام پاران خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز، ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان، سعودي ??رب جي ڀائر عوام کي سعودي ??رب جي 94 هين قومي ڏينهن جي خوشي جي موقعي تي دل جي گهراين سان مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، اسان شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي دورانديش قيادت کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. جنهن مملڪت جي ترقي ۽ خوشحالي طرف ثابت قدمي سان رهنمائي ڪئي، گڏوگڏ هن خادم الحرمين الشريفين جي مقدس ذميوارين کي پڻ چڱي ريت نڀايو. وزيراعظم چيو ته اسان ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي صاحب بصيرت قيادت کي پڻ تمام گهڻو ساراهيون ٿا، جنهن جي قدمن سعودي ??رب کي جديديت ۽ اقتصادي ??رقي جي مشعل بردار جي حيثيت تي فائز ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم چيو ته اڄ جڏهن اسان پنهنجي سعودي ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ هي مبارڪ ڏينهن ملهائي رهيا آهيون ته آئون ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط ۽ پائيدار دوستي جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪريان ٿو، اسان خطي ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا رهنداسين. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ سعودي ??رب کي خوشحالي، ترقي ۽ ڪاميابي عطا فرمائي.