نيويارڪ – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ش??يف ۽ مالديپ جي صدر ڊاڪٽر معيوزو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي ترقي ۽ پائيدار ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ عوام جي وچ ۾ رابطن ۽ گڏيل تعاون جي ڪوششن ۾ اضافي جي ضرورت ۽ خطي جي امن، خوشحالي ۽ استح??ام جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي گڏيل ذميواري تي اتفاق ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز ش??يف جي نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79 هين اجلاس جي موقعي تي مالديپ جي صدر ڊاڪٽر معيوزو سان ملاقا?? ٿي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ مالديپ جي وچ ۾ پراڻي ۽ گهري لاڳاپن جي فروغ تي زور ڏنو. وزيراعظم مالديپ سان واپار، سياحت، تعليم، سيڙپڪاري ۽ موسمياتي تبديلي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پنهنجي پنهنجي ملڪن ۾ اقتصادي ترقي ۽ پائيدار ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ عوام جي وچ ۾ رابطن ۽ گڏيل تعاون جي ڪوششن ۾ اضافي جي ضرورت تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن خطي جي امن، خوشحالي ۽ استح??ام جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي گڏيل ذميواري تي پڻ اتفاق ڪيو.