نيويارڪ- 28 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان، چين، ايران ۽ روس افغانستان جي سرزمين تان پيدا ٿيل سيڪيورٽي چئلينجز خاص ڪري دهشتگردي جي خطري تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي افغان عبوري حڪومت تي زو?? ڀريو آهي ته هو دهشتگردي خلاف ڪارروائي ڪري ۽ سمورن دهشتگرد گروهن جو خاتمو ڪري، افغان سرزم??ن کي پنهنجي پاڙيسرين، خطي ۽ ان کان ٻاهر ??ست??مال ٿيڻ کان روڪي. نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79 هين اجلاس جي موقعي تي پاڪستان، چين، ايران ۽ روس جي گروپ جو ٽيون وزارتي اجلاس منعقد ٿيو جنهن ۾ دفاع واري وزير خواجه محمد آصف پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. اجلاس ۾ افغانستان جي صورتحال ۽ افغانستان ۾ امن، سلامتي ۽ ??ست??ڪام کي هٿي ڏيڻ جي ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن افغانستان جي سرزمين تان پيدا ٿيندڙ سيڪيورٽي چئلينجز خاص ڪري دهشتگردي جي خطري تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ افغان عبوري حڪومت تي زو?? ڀريو ته هو دهشتگردي خلاف ڪارروائي ڪري ۽ سمورن دهشتگرد گروهن جو خاتمو ڪري ۽ افغان سرزم??ن کي پنهنجي پاڙيسرين، خطي ۽ ان کان ٻاهر ??ست??مال ٿيڻ کان روڪي. اجلاس ۾ افغانستان سان رابطن جي اهميت تي پڻ زو?? ڀريو ويو ۽ افغانستان جي حالتن کي معمول تي آڻڻ ۽ ان جي مختلف چئلينجز کي جامع انداز ۾ منهن ڏيڻ لاءِ علائقائي ڪوششن کي مض??وط بڻائڻ لاءِ چئني ملڪن وچ ۾ ويجهو تعاون جاري رکڻ تي پڻ زو?? ڀريو ويو.