اسلام آباد -16 آڪٽوبر (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف چيو آهي، ته جٽادار ترقي لاءِ علائقائي تعاون ۽ رابطن کي هٿي وٺائڻ ضروري آهي، پاڪستان علائقائي ترقي، استحڪام ۽ رابطن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پرعزم آهي. گذريل ڏينهن شنگهائي تعاون ت??ظي?? جي حڪومتي سربراهن واري اجلاس جي شروعات تي پنهنجي افتتاحي تقرير ۾ وزي??اع??م چيو ته ا??س سي او حڪومتي سربراهن جي ڪانفرنس جي ميزباني پاڪستان لاءِ اعزاز آهي، اسان پنهنجي معزز مهمانن کي اسلام آباد ۾ خوش آمديد چئون ٿا. هن چيو ته ا??س سي او ملڪ دنيا جي 40 سيڪڙو آبادي جي نمائندگي ڪن ٿا. هن چيو ته جٽادار ترقي لاءِ علائقائي تعاون ۽ رابطن کي هٿي وٺرائڻ ضروري آهي، اڄ جو اجلاس علائقائي تعاون لاءِ اهم موقعو فراهم ڪري رهيو آهي، اسان کي پنهنجي ماڻهن کي بهتر معيار زندگي ۽ سهولتون فراهم ڪرڻيون آهن. معاشي ترقي، استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ اسان کي گڏجي اڳيان وڌڻو آهي. وزي??اع??م چيو ته اسان اسان کي يقين آهي ته اجلاس ۾ ٿيل نفعو ۽ نتيجا ڏيندڙ ڳالهيون خطي جي عوام لاءِ ڏور رس ثابت ٿينديون. هن چيو ته اسان عالمي منظرنامي ۾ تبديلي ۽ ارتقا کي منهن ڏئي رهيا آهيون، موجوده صورتحال گڏيل قدمن جي گهرجائو آهي، پاڪستان علائقائي ترقي، استحڪام ۽ رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي. اسان کي گڏيل ڏاهپ کي ڪتب آڻيندي سياحتي رابطن ۽ ماحول دوست ترقي جي شعبن تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، واپاري رابطن ۾ اضافي لاءِ ڪوششون به ضروري آهن.